آخوند عبدالرحمان ڀٽي سيتائي

آخوند عبدالرحمان ڀٽي سيتائي: آخوند عبدالرحمان ڀٽي ولد آخوند ڇٽو ڀٽي، سيتا ڳوٺ ۾ 1272هه/1855ع جنم ورتو. پنهنجي والد بزرگوار کان علم جي تحصيل ڪيائين. اسلامي علمن ۾ ماهر بڻيو ۽ عربي، فارسي تي عبور حاصل ڪيائين. سٺو خوش نويس ۽ خطاط به هو. سندس ڇڏيل تبرڪن مان هڪ ڪتابچو سندس هٿ اکرن سان لکيل مليو آهي، جنهن ۾ هن محمود نامه کي پنهنجي هٿ اکرن سان لکيو آهي. هي ننڍڙو فارسي قلمي نسخو سڄو ڪاري مس سان لکيو اٿس. جڏهن ته مشڪل فارسي لفظن جي معنيٰ به لکي اٿائين، جنهن لاءِ هن ڳاڙهي مس استعمال ڪئي آهي. ان ڪتابچي جو پهريون پنو يعني پهريون غزل زماني جي گردش سبب گم ٿيل آهي. باقي سمورا غزل صحيح سلامت آهن، آخر ۾ هيٺيان لفظ لکي اهو ڪتابچو پورو ڪيو اٿائين.
تمام شد ازدست پر تقصير مسکين عبدالرحمان
الاهي هر آنکس که آنخط نوشت گناهش کني عفو، بخشي بهشت
ان کانپوءِ هي شعر لکيو اٿائين.
مرويسنده راخد اي عليم برهانيش اي عذاب اليم
آخوند خاندان جو هي فرزند ڇاونجاهه سالن جي عمر ۾ سال 1329هه/1911ع ۾ رحلت فرمائي ويو. کانئس پوءِ سندس ڀاءُ آخوند مولانا الله بخش ڀٽيءَ مڪتب هلايو. محمود نامي جي ڪتابت ۽ معنيٰ کانسواءِ سندس ڪافي ذاتي عربي ۽ فارسي تحريرون لکت ۾ موجود هيون جي پويان سنڀالي نه سگھيا آهن. ممڪن آهي ته ڪي چند تحريرون بچيل هجن.


هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1272.00.00  هجري

آخوند عبدالرحمان ڀٽي سيتائي: آخوند عبدالرحمان ڀٽي ولد آخوند ڇٽو ڀٽي ، سيتا ڳوٺ ۾ 1272هه/1855ع جنم ورتو .


1855.00.00  عيسوي

آخوند عبدالرحمان ڀٽي سيتائي: آخوند عبدالرحمان ڀٽي ولد آخوند ڇٽو ڀٽي ، سيتا ڳوٺ ۾ 1272هه/1855ع جنم ورتو .


1329.00.00  هجري

آخوند عبدالرحمان ڀٽي سيتائي، آخوند خاندان جو هي فرزند ڇاونجاهه سالن جي عمر ۾ سال 1329هه/1911ع ۾ رحلت فرمائي ويو .


1911.00.00  عيسوي

آخوند عبدالرحمان ڀٽي سيتائي، آخوند خاندان جو هي فرزند ڇاونجاهه سالن جي عمر ۾ سال 1329هه/1911ع ۾ رحلت فرمائي ويو .



عالم - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

محمد شاهه امروٽي
شاهه عنايت الله جيلاني
عبدالله مري مولانا
عبدالڪريم لغاري مولانا
راغب اصفهاني امام
شيخ محمد اچي قاضي
احمد ٺٽوي ملا
ذاڪر نائڪ ڊاڪٽر
آخوند عبدالرحيم وفا عباسي
ابنِ مقله بيضاوي
عالم ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون